سنگت ڪهاڻي نمبر

سنگت ڪهاڻي نمبر: سنگت ڪهاڻي نمبر سنڌي ادبي سنگت جي ترجمان رسالي جي ڪڙي نمبر ستين آهي، هي ڪهاڻي نمبر سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ادل سومري جي دور ۾ اپريل 1993ع ۾ جاري ٿيو. هن پرچي جي اجراءَ جي پويان سنڌي ادبي سنگت، نون ڪهاڻيڪارن جي ڄاڻ، اڀياس ۽ سکيا سميت ڪهاڻيءَ جي فن، اوسر، دور وار مطالعي وارو مقصد ڪار فرما رکيو. هن پرچي ۾ نون ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون شامل ڪيل آهن. هي پرچو ٽن حصن ۾ ورهايل آهي: (1) مقالا، (2) ڪهاڻيون، (3) ڪالم-رپورٽ. حصي پهرئين ۾ ’ڪهاڻي ۽ ان جا ترڪيبي جزا‘: امير علي چانڊيو، ’سنڌي ڪهاڻيءَ جو شروعاتي دور‘: جڳديش لڇاڻي، ’سنڌي افسانن ۾ سنڌي سماج جي عڪاسي‘: ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ’سنڌ جي سنڌي ڪهاڻي‘: موهن ڪلپنا، ’سنڌي افسانن جي اوسر‘: ثميره زرين جا مقالا شامل آهن. پرچي جي ٻئي حصي ۾ هيٺيون ڪهاڻيون آهن: ’ڳنوارڻ‘ (آسانند مامتو راءِ)، ’قبرن جي وچ ۾‘ (اياز قادري)، ’خانو چور نه آهي‘ (حميد سنڌي)، ’ترورا‘ (رزاق مهر)، ’سڀائيءَ جو خواب‘ (جان خاصخيلي)، ’لهندڙ شام- رت جي لام‘ (اڪبر سومرو)، ’هڪ شخص جي جنازي پويان‘ (آدرش)، ’پردي پويان‘ (فرزانه شاهين) ۽ ’ٿڪل جذبن جو موت‘ (طارق قريشي) شامل آهن. رسالي جي ٽئين حصي ۾ ڪهاڻي ڪانفرنس جي رپورٽ شامل آهي، جيڪا لياقت رضويءَ لکي آهي. ان کان سواءِ هن حصي ۾ علي احمد بروهيءَ جو ڪالم به شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو ان ڪهاڻي ڪانفرنس ۾ پڙهيو ويو هو ۽ اهو ڪالم هن کان اڳ هلال پاڪستان ۾ به ڇپيل هو. سنگت جو ڪهاڻي نمبر جديد ڪهاڻيءَ جي حوالي سان اهميت جو حامل آهي. هن ڪهاڻي نمبر تي تاج جويي پاران سنگت پرچي ’سنڌي ڪهاڻي نمبر جو اڀياس‘ جي سري سان تنقيد پڻ ڪيل آهي، جيڪا مهراڻ جي 1994ع واري نمبر 3 ۽ 4 ۾ ڇپي هئي. هن سنگت ڪهاڻي نمبر پرچي جي قيمت 30 روپيا آهي.


لفظ سنگت ڪهاڻي نمبرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو